Home Page of Community Self Management, Empowerment and Development Training Material for Mobilizers
CebuanoDeutschEnglish version of this documentLa versión española de este documento.La version française de ce documentGreekItalianPolskiA versão portuguesa deste documentoRumanianRussianSomaliTagalog (Philipinnes)
Sindhi
.
پنهنجي ٽارگيٽ ڪميونٽي کي ڄاڻيو
.
( حسن ناصر میربحر ) translated by Hassan Nasir Mirbahar
..
تحرير: ڊاڪٽر فل بارٽل (پي ايچ ڊي)
ترجمو: حسن ناصر ميراڻي

ڪميونٽي ڊولپمينٽ ۾ اسان هڪ بيو مهاورو استعمال ڪندا آهيون: ”ڪنڀار کي پنهنجي مٽي جي ڄاڻ هجڻ ضروري آهي“. توهان جي مٽي توهان جي ڪميونٽي آهي جتي توهان کي ڪم ڪرڻو آهي. توهان کي انهي کي موڙي هڪ مظبوط شيءِ جي شڪل ڏيڻي آهي. اهي ڪرڻ لاءِ تمام ضروري آهي ته توهان کي پنهنجي ڪميونٽي باري ۾ تمام گھني معلومات هجي (ڪميونٽي جي عام طور تي ڪهڙي فطرت آهي). توهان کي انهي جي جيتري ٿي سگھي ڪميونٽي جي سماجي جوڙجڪ، معاشي حالات، زبان، نقشو، مسئلا، سياست ۽ ايڪولاجي جي باري ۾ معلومات هجي.

توهان جي ريسرڄ صرف تعلق نه رکندڙ انگ اکر گڏ ڪرڻ لاءِ نه هجي پر توهان ڪميونتي جي فطرت ۽ انهي جو مڪمل سماجي سرشتو(ڏسو ڪميونٽي ڇا آهيSee What is Community) سمجھڻ لاءِ گڏ ڪيل انگ اکرن جو تجزيو ڪرڻو پوندو.  سوڄيو ته مختلف شين جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق آهي.

شروع ڪرڻ جو سٺو طريقو اهو آهي ته توهان انهن جي علائقي جو هڪ نقشو ٺاهيو. هو ڪٿي رهن ٿا؟ هنن وٽ ڪهڙيون سهولتون موجود آهن؟ (جهڙوڪ روڊ، رستا، پاڻي، ڪلينڪ، اسڪول، صفائي، مارڪيٽ ۽ ٻيو شهري سهولتون ۽ خدمتون). بعد ۾ جڏهن توهان ڪميونٽي سان ملي ڪري انهن جو هڪ جائزو (Community Situation) – ذريعا، ضرورتون، موقعا، مسئلا – ٺاهيندا ته توهان هنن کي ڪميونٽي جو نقشو ٺاهڻ ۾ مدد ڪري سگهندا. اهڙو نقشو هاڻي ٺاهڻ سان توهان کي ڪميونٽي سان ملي ڪري اها شراڪتي سرگرمي ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي.

پنهنجي روزنامڄي نوٽ لکندا وڃو. ڪميونٽي جي باري ۾ مشاهدو ڪيو: سماجي جوڙجڪ، معاشيات، زبان (نون)، سياست، گڏيل قدرون، روايتون ۽ انهن جو اتان جي Physical environment سان تعلق. اها جائزو ڪندا رهو ته اهي سڀ مختلف جزا پاڻ ۾ ڪهڙو ۽ ڪيئن تعلق رکن ٿا.
 

توهان اهو سکندا ته ڪميونٽي صرف فردن جو هڪ مجمعو نه آهي پر هڪ نظام آهي جيڪو انهن فردن کان مٿاهون آهي. هڪ نظام جي حيثيت ۾ انهيءَ جا کوڙ سارا رخ آهن: ٽيڪالوجي، معاشي، سياسي، ادارتي، نظرياتي (فڪري) ۽ ادراڪي (شعور متعلق). ماڻهو ڪميونٽي ۾ اچن ثا ۽ انهيءَ مان وڃن ٿا (ڄمڻ، مرڻ يا هجرت ڪرڻ جي ڪري)، پر اهي نظام قائم ۽ دائم رهي ٿو ۽ هميشه تبديل ٿيندو رهو ٿو. توهان جي ذميواري آهي ته توهان انهيءَ نظام کي سمجھو ته جيئن توهان انهيءَ تبديل ٿيندڙ نظام کي ڪو رخ (جئين توهان جي مقصدن ۾ آهي، جن جو اسان پهريان ذڪر ڪري آيا آهيون) ڏئي سگھو

ڪافي ساريو ڳالهيو آهن جيڪي توهان پنهنجي ٽارگيٽ ڪميونٽي جي متعلق ڄاڻي سگھو ٿا ۽ توهان کي اهو عمل روڪڻ نه کپي.

..
This is the bottom of the page
© ڪاپي رائيٽ فل بارٽل
Introduction to the Site
Purpose and background of the Site
How to Apply for Grants
Link to the Training Modules
Three Mobiliser Handbooks
..CMP Strategy
Research at ISS - the Hague, on the programme
Training Methods
Writing Errors
Training for Strength.
.Power Point Versions of the Material
Would you like to join the team?
Volunteer Illustrator Needed
Volunteer Coordinator
 
Volunteer Computing Needed
Writing for this Web Site
Link your copy back to this site
Link to Akan Studies Go to the People
Link to Sociology Home Page
Poetry
Link to Sociology Readings
Correspond with us. The site map lists (and links to) all web pages (in English) on this web site Link to the Home Page of this web site
2013.06.24.
Following the path of least resistance makes all rivers and some men crooked