Home Page of Community Self Management, Empowerment and Development Training Material for Mobilizers
CebuanoChineseEnglish version of this documentLa versión española de este documento.La version française de ce document.GreekItalianKiswahiliPolskiA versão portuguesa deste documento.Russian VersionSomaliTagalog (Philipinnes)
GujaratiHindiPunjabiSindhi
.
ضروري مهارتن جي ڄاڻ
.
( حسن ناصر میربحر ) translated by Hassan Nasir Mirbahar
..
تحرير: ڊاڪٽر فل بارٽل (پي ايچ ڊي)
ترجمو: حسن ناصر ميراڻي
 

هڪ موبلائيزر جي حيثيت ۾ توهان کي جن مهارتن جي ضرورت آهي اهي سکڻ ڌکيون نه آهن پر اهي تمام ڪارئتيون آهن. انهن کي غلط به استعمال ڪري سگھجي ٿو. انهن مهارتن کي توهان هڪ تالن ٺاهڻ واري جي مهارتن سان ڀيٽي سگهو ٿا. هو ڪافي ڪارئتيون خدمتون سرانجام ڏيندو آهي پر اهي مهارتون تالن ڀنڄڻ ۽ چوري ڪرڻ لاءِ به ڪتب آڻي سگھجن ٿيون. جئين ئي توهان موبلائيزيشن جون مهارتون حاصل ڪيو ته انهن کي ڪميونٽي جي فائدي لاءِ استعمال ڪيو نه ڪي پنهنجو فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ ڪميونٽي کي نقصان ۾ وجھو.

جيئن ته سڄي ڪميونٽي توهان جو ٽارگيٽ آهي، تقريبن سڀئي گھربل مهارتون جو تعلق ”پيغام رسائي“(Communication abilities) جي سگهه سان آهي. تنهنڪري توهان کي سکڻو پوندي ته هڪ مقرر ڪئين هوندي آهي پر هي ڪوئي عام مقرر نه آهي.

 هن قسم جو مقرر ٿيڻ لاءِ توهان وٽ قائدانه ۽ سهنجائي(Facilitation) وارين مهارتن جو هجڻ ضروري آهي. توهان کي سکڻو پوندو ته هڪ گروهه متعلق معلومات ڪيئن حاصل ڪجي ۽ فيصلا ڪيئن ڪرائجن. انهيءِ لاءِ توهان کي پنهنجن مقصدن جي مڪمل ڄاڻ سان گڏ ماڻهن سامهون خود اعتمادي سان ڪم وٺڻو پوندو. توهان کي تبليغ، ليڪچر ڏيڻ ۽ تقرير ڪرڻ ۾ فرق معلوم هئڻ گھرجي ۽ انهن طريقن جي استعمال کا پرهيز ڪرڻ گھرجي.

هڪ موبلائيزر جي حيثيٽ ۾ جن تڪنيڪي صلاحيتن جي توهان گھرج آهي انهن ۾ ماڻهن ۾ ڳالهائڻ، منصوبابندي ڪرڻ، انتظامي گرفت، مشاهدو ۽ تجزيو ڪرڻ جي صلاحيت ۽ لکڻ جي صلاحيت شامل آهن. پاڻ سکڻ وارو اصول هنن مهارتن کي سکڻ جو بهترين ذريعو آهي. انهيءِ سان گڌ توهان کي هڪ ايماندار، مثبت، صابر، پرجوش، بردبار، متحرڪ ڪرداري وارو شخص هجڻ گھرجي.

توهان کي خبر هجڻ گھرجي ته جڏهن ماڻهو ڳالهن ٿا توهان کي ڪئين انهن کي ٻڌڻو آهي ۽ ڪيئن انهن سان ڳالهائڻ گھرجي. توهان کي اهي به معلومات هجي ته توهان کي جيڪا معلومات ملي ٿي انهيءَ جي درستگي کي ڪيئن يقيني بڻائي سگھجي ٿو. توهان کي اهو سکڻ گھرجي ته ڪا ڳالهه ڪيئڻ واضع ڪرڻي آهي انهيءِ کي ٻڌندڙن لاءِ ڪيئن دلچسپ بنائڻو آهي. توهان کي هڪ داعي وانگر تبلغ ناهي ڪرڻ، توهان کي ڪنهن سياستدان وانگر تقرير ناهي ڪرڻي ۽ نه ئي توهان کي پروفيسر وانگر ليڪڄر ڌيڻو آهي.

توهان کي سکڻو پوندو ته ماڻهن کي اجاگر ڪرڻ وقت انهن جي وچ ۾ يا سامهون ڪيئن پراعتماد ٿي بيهڻو آهي. توهان کي معلوم هجڻ گھرجي تا ماڻهن کان واقف ڪيئن ٿيڻو آهي ۽ انهن کي ڪيئن پسند ڪرڻو آهي. توهان کي اهو به سکڻ کچي ته خودپرستي، مغروري ۽ گھمنڊي کان ڪيئن پاسي ڪرڻو آهي. توهان کي اهو سکڻو پوندو ته هڪ مباحثو کي هلائڻ دوران رعبدار، آمراڻي يا طنزيه لهجي کا پاسو ڪيئن ڪرڻو آهي. توهان اهي سڀ ڳالهيون پاڻ کي سيکاريو.

توهان هي سڀ شيون ڪرڻ سان سکندا (صرف ڪتاب پڙهڻ سان نه). جيڪڏهن توهان ڪميونٽي ڊولپمينٽ جي ٽرنينگ ۾ ويا، ويٺا ۽ صرف لکت ڪم ڪري آيا آهيو ته توهان ڪنهن سٺي تربيتي پروگرام ۾ نه ويا هيا. توهان کي پهريان پنهنجي هم جماعتن جي سامهون عملي طور ڪم ڪرڻ کپي پوءِ ڪميونٽي جي مختلف گروهن جي سامهون.

جيئن توهان کي ڪميونٽي جي گروهن کي منظم ڪري انهن مان انتظامي ڪاميٽيون ٺاهڻيون آهن تنهنڪري توهان وٽ نامياتي (organizational) صلاحيتن جو هجڻ به ضروري آهي. جيئن توهان کي ڪميونٽي کي انتظامي مهارتن (management skills) جي تربيت ڏيڻي آهي تنهنڪري توهان وٽ به اهڙيون مهارتون هجڻ گھرجن. توهان وٽ منصوبابندي ڪرڻ جي مهارت هجڻ گھرجي ڇو جو توهان ڪميونٽي کي به منصوبابندي ڪرائڻي آهي. جيئن ته توهان کي ڪميونٽي کي ايماندارنه ۽ صحيح حساب ڪتاب (accounting) سيکارڻي آهي تنهنڪري توهان کي به اڪائونٽگ اچڻ گھرجي.  توهان کي نه صرف ڪميونٽي کي رپورٽ لکڻ سيکارڻي آهي پر پاڻ کي به روپورٽ لکڻي آهي تنهنڪري توهان کي رپورٽ لکڻ ۾ مهارت حاصل هجي.

توهان کي خبر هجڻ گھرجي ته هڪ نئي زبان ڪيئن جلدي سکي سگھجي ٿي ته جيئن توهان ڪميونٽي ۾ موجود مختلف زبانون جلدي سکي سگھو. (See An Aural Method to Learn an Oral Language)ڏسو ”ٻڌڻ جي حس سان ڪا زبان ڳالهائڻ ڪيئن سکجي“

تڪنيڪي مهارتن کان علاوه، توهان کي پنهنجي شخصيت ۾ انهن شين کي آڻو پوندو جيڪي هڪ ڪامياب موبلائيزر لاءِ تمام ضروري آهي. توهان جي شهرت توهان جو اهم سرمايو آهي.  جيڪڏهن توهان ايماندار، حرفتي (سياڻوdiplomat)،  سڌو، محنتي، بردبار، پرجوش، عاجز جي طور تي ڄاتا وڃن ٿا ته توهان جي اهڙي شهرت توهان کي موبلائيزيشن جي ڪم ۾ مدد ڏيندي.
..
This is the bottom of the page
© ڪاپي رائيٽ فل بارٽل
Introduction to the Site
Purpose and background of the Site
How to Apply for Grants
Link to the Training Modules
Three Mobiliser Handbooks
..CMP Strategy
Research at ISS - the Hague, on the programme
Training Methods
Writing Errors
Training for Strength.
.Power Point Versions of the Material
Would you like to join the team?
Volunteer Illustrator Needed
Volunteer Coordinator
 
Volunteer Computing Needed
Writing for this Web Site
Link your copy back to this site
Link to Akan Studies Go to the People
Link to Sociology Home Page
Poetry
Link to Sociology Readings
Correspond with us. The site map lists (and links to) all web pages (in English) on this web site Link to the Home Page of this web site
2013.06.24.
Following the path of least resistance makes all rivers and some men crooked